ڌرتي لال ڪنوار

ڌرتي لال ڪنوار (فلم): هيءَ سنڌي فلم پهرين آگسٽ 1975ع تي رليز ٿي، جنهن جو هدايتڪار اي. ايم. صديقي ۽ پروڊيوسر خليل بچاڻي هو، جڏهن ته موسيقي غلام نبي ۽ عبداللطيف نالي ٻن ناليوارن موسيقارن ڏني هئي. فلم جي اداڪارن ۾ محبوب عالم ميان، مصطفيٰ قريشي، عشرت چوڌري، اي. آر. بلوچ، ملڪ انوکو ۽ مشتاق جسڪاڻي شامل هئا. هيءَ فلم عيدالفطر جي موقعي تي تاج محل سئنيما ڪراچي، شهباز سئنيما ٽنڊي الهيار، شاهه ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۽ رائل سئنيما لاڙڪاڻي ۾ پردي تي ڏيکاري وئي.


لفظ ڌرتي لال ڪنوارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو